پنهنجي عضون جو خيال ڪيو، اهي مارڪيٽ ۾ ناهن ملندا

اڄڪلهه جي ملاوٽ واري کاڌن ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي استعمال جي ڪري ماڻهن ۾ بيماريون عام ٿي ويون آهن، اهي بيماريون گهڻي قدر تڏهن ٿينديون آهن جڏهن اسان پنهنجي کاڌ خوراڪ ۾ احتياط کان ڪم ناهيون وٺندا.

هونئن ته ٿڪاوٽ، گهڻي ڪم ڪرڻ يا موسمي تبديلي جي ڪري اسان کي بخار ٿيڻ يا مٿي جو سُور عام ڳالهه آهي پر پنهنجي صحت جو خيال نه ڪرڻ وڏي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

انسان جو جسم عضون جو مجموعو آهي ۽ انسان جو هر عضوو وڏو قيمتي ۽ اهميت وارو آهي ڇو ته عضوا مارڪيٽ ۾ ناهن ملندا.

جيڪڏهن ڪن سببن جي ڪري ڪنهن به ماڻهو جو ڪو هڪ عضوو به ناڪارا بڻجي وڃي ته يا ته انجو جيئڻ مهال بڻجي ويندو يا وري ان جو موت به ٿي سگهي ٿو.

Read Previous

روڊن جي تعمير ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي چيو آهي: عمران خان

Read Next

صالح پٽ لڳ شيخ برادري جي گھرن کي اچانڪ باھ

Most Popular