عمر شريف جي وڇوڙي قومي ڪرڪيٽرن جون دليون به ٽوڙي ڇڏيون

ڪاميڊين ڪنگ عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڪرڪيٽ سان سلهاڙيل شخصيتن تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا عمر شريف جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي وڏو ڏک آهي، هو پنهنجي شعبي ۾ بهترين هو، اسان ان کي موجوده مايوسي جي دور ۾ به گهڻو ياد ڪنداسين.

اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو ته ماڻهن کي کلائڻ دنيا جو ڏکيو ترين ڪم هوندو آهي پر عمر شريف اهو ڀرپور مهارت سان ڪيو، مان سدائين ان جي ڪاميڊي انجواءِ ڪئي، سڀني کي کلائيندڙ سڀني کي روئاري ويو، الله مغفرت فرمائي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته عمر شريف جي لاڏاڻي تي دل ٽٽي پئي، الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي، درجا بلند فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر، اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي، تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ، آل رائونڊر شاداب خان ۽ ٻين پڻ ليجنڊ اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس پونئيرن ۽ مداحن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

Read Previous

ڀاءَ کي مارڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇوڪريءَ سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف

Read Next

شاهه رخ خان جو پٽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار

Most Popular