فيس بڪ عوامي مفاد تي ڪاروباري مفاد کي ترجيح ڏيندو آهي: اڳوڻي فيس بڪ عهديدار

فيس بڪ تي الزام لڳائيندڙ اڳوڻي عهديدار فرانسس هائوگن آمريڪي سينيٽ جي خاص ڪميٽي سامهون پيش ٿي.

فرانسس هائوگن ڪميٽي کي چيو ته فيس بڪ ٻارن ۽ جمهوري قدرن کي نقصان پهچائي معاشري ۾ ورهاڳو پيدا ڪري رهيو آهي.

هن فيس جي ملڪيت فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام تي الزام هڻندي چيو ته فيس بڪ جي پنهنجي رسرچ موجب اها ايپ نوجوانن جي ذهني صحت کي بري طرح متاثر ڪري رهي آهي.

هائوگن موجب رسرچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 20 سالن کان گھٽ عمر جون 13 سيڪڙو ڇوڪرين چيو آهي ته انسٽاگرام کي استعمال ڪرڻ سبب هنن ۾ آپگهات جي سوچ پيدا ٿيندي آهي.

اڳوڻي عهديدار ان سڀ جو ذميوار فيس بڪ جي انتظاميا کي قرار ڏيندي چيو ته فيس بڪ کي خبر آهي ته پليٽ فارم کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگھجي ٿو پر هو منافعي جي ڪري ائين ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.

فرانسس هائوگن ڪميٽي آڏو ڏنل پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته فيس بڪ عوام مفاد تي ڪاروباري مفاد کي ترجيح ڏيندو آهي.

ٻي پاسي فيس بڪ فرانسس هائوگن جي بيانن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته هو جن موضوعن تي ڳالهائي رهي آهي ڪمپني کي ان جي خبر نه آهي.

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ شاهينن جي اڏام جو شيڊيول جاري

Read Next

ٽنڊو محمد خان ۾ شيعان حيدر ڪرار پاران سوين مردن ۽ عورتن پاران مسجد علي کان احتجاجي ريلي

Most Popular