ٽنڊو محمد خان ۾ شيعان حيدر ڪرار پاران سوين مردن ۽ عورتن پاران مسجد علي کان احتجاجي ريلي

ٽنڊومحمدخان ( رپورٹر ) ٽنڊو محمد خان ۾ شيعان حيدر ڪرار پاران چھلم امام حسين عليه السلام جي موقعي تي عزادارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف خلاف سوين مردن ۽ عورتن پاران مسجد علي کان احتجاجي ريلي ڪڍي سعود پمپ وٽ حيدرآباد ـ بدين مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي انهيَ موقعي تي ايم ڊبليو ايم سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يعقوب حسيني , علي حسن رماني , مولانا ڪاظم سجاد ڊومڪي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٽنڊومحمدخان ۾ چھلم امام حسين جي موقعي پر امن پيادل قافلي جو اھتمام ڪيو ويو پوء به عزادان مٿان من گھڙت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪا سرار نا انصافي آهي ھنن وزير اعليٰ سنڌ آئي جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي تي جو نوٽيس وٺي داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن !

Read Previous

فيس بڪ عوامي مفاد تي ڪاروباري مفاد کي ترجيح ڏيندو آهي: اڳوڻي فيس بڪ عهديدار

Read Next

ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محمد خان جکراڻي ۾ گهرو تڪرار تان سهري حسام دين جکراڻي لٺيون هڻي پنهنجي ننهن مسمات زيندگ خاتون کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular