حڪومت جو ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جو اعلان

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو ڪندي 5 ڪمپنين جي آڊٽ جو به فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي جنازي نماز تي گهرو وزارت بهترين انتظام ڪيا ۽ محسن پاڪستان کي گهرو وزارت سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، وزيراعظم جي هدايت هئي ته تدفين فيصل مسجد ۾ ڪئي وڃي پر گهر ڀاتين جي مرضي موجب ايڇ ايٽ ۾ تدفين ڪئي وئي.

هن چيو ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 وڏين ڪمپنين جي آڊٽ جو فيصلو ڪيو آهي، 88 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 47 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، ڊالر جيڪڏهن قانون طريقي سان افغانستان موڪليو ويو ته ان تي ڪسٽمز کي جاچ ڪرڻ گهرجي، ڪسٽم ڊپارٽمينٽ گهرو وزارت ماتحت ناهي، اسان جو ڪم رڳو هولڊنگ آهي.

شيخ رشيد پي ڊي ايم کي مخاطب ٿيندي چيو ته احتياط جي ضرورت آهي، پاڪستان پنهنجي تاريخ جي حساس ترين وقت مان گذري رهيو آهي، پي ڊي ايم جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، ائين نه ٿئي جو انهن جي ئي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي.

Read Previous

بختاور پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو، آصف زرداري نانو ۽ بلاول مامو بڻجي ويو

Read Next

مينارِ پاڪستان واقعي ۾ نئون رُخ، عائشا ۽ ريمبو جي مبينا آڊيو گفتگو سامهون اچي وئي

Most Popular