ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن ۾ اهم تبديليون

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پهريون ڀيرو پاڻي جو وقفو ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پليئنگ ڪنڊيشنز موجب ورلڊ ڪپ ۾ ڊي آر ايس جو به استعمال ٿيندو، جڏهن ته ڊڪ ورٿ ليوس ميٿڊ لاءِ به قانونن ۾ معمولي تبديلي ڪئي وئي آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آءِ سي سي پليئنگ ڪنڊيشنز کي تبديل ڪندي شق 11 ۾ پاڻي جي وقفي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اهو وقفو هر اننگز جي 10 اوورن کانپوءِ ٿيندو، وقفي جو دورانيو اڍائي منٽ مقرر ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن هڪ اننگز 14 اوورن يا ان کان گهٽ تائين محدود ٿي ته پاڻي جو وقفو نه ٿيندو.

سڀ کان اهم ڳالهه اها ته پاڻي جي وقفي دوران ليگز ۾ ٿيندڙ اسٽريٽيجڪ ٽائم آئوٽ جيان هيڊ ڪوچن کي رانديگرن سان گفتگو جي اجازت هوندي.

آءِ سي سي برسات سان متاثر ميچن لاءِ قانونن ۾ به معمولي تبديلي ڪئي آهي، عام ميچن ۾ ته برسات سان متاثر راند جو نتيجو ڪڍڻ لاءِ ٻي اننگز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 اوورن جي راند لازمي ئي هوندي پر سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ ٻي اننگز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 اوورن جي راند لازمي قرار ڏني وئي آهي.

گڏوگڏ هن ڀيري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو ڊي آر ايس جو به استعمال ڪيو ويندو ۽ هر ٽيم وٽ 2-2 ري ويو سسٽم هوندا.

Read Previous

يمني شهر عدن جي گورنر تي قاتلاڻو حملو، 5 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

سال اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو پاران نوڪرين جا اصل ڪاغذات پيش نه ڪرڻ تي چوٽيھ ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو

Most Popular