سال اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو پاران نوڪرين جا اصل ڪاغذات پيش نه ڪرڻ تي چوٽيھ ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو

راڻيپور ( رپورٽر سيد زوار شاه )  ڪئي سال اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو پاران نوڪرين جا اصل ڪاغذات پيش نه ڪرڻ تي چوٽيھ ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو , فوري بلدياتي نظام ايندي انهن برطرف ٿيل ملازمن کان لکين روپيا رشوت وٺي نوڪريون جاري رکيون ويون جيڪو قانون آئين جي خلاف سزا جوڳو عمل آھي , ٻيهر ڊآئريڪٽر سکر پاران انهن ملازمن بابت پڇا ڳڇا جو ليٽر جاري , سابق اي سي سميت هاڻوڪي اي سي اکان جواب طلب , 
رپورٽ موجب اسسٽنت ڪمشنر احسان جمالي سال 2012 ۾ جيئن ئي ان جي ايڊمنسٽريٽر راڻيپور ۽ طور پوسٽنگ ٿي ان راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي تمام ملازمن جي نوڪري جي ملڻ جا اصل حڪم نامهن سميت ٻيا ضروري ڪاغذات چيڪ ڪرڻ لاء تمام ملازمن کي هڪ ليٽر ذريعي ڪاغذات گهريا جنهن بعد ڪافي عرصو گذرڻ بعد به 134 ملازمن نوڪري جي مقرري بابت اصل ڪاغذ پروڊيوز ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ۽ اهڙي آگاهي نه صرف ڊي سي خيرپور ڪمشنر سکر ، پر سنڌ حڪومت کي به موڪلي ڏني هئي ۽ انهن تمام ملازمن کي گهر ڀيرو ٿيڻ جا حڪم نامه پڻ جاري ڪيا ، پر جيئن ئي ايڊمنسٽريٽرز جو دور ختم ٿيو ۽ بلدياتي نظام لاڳو ٿيو ته راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين پير سيد فياض علي شاه سميت جتي به انهن 134 ملازمن جا نالا هيا انهن ڳريون رشوتون وٺي يا انهن جي ڪلارڪن اڪائونٽنٽن هٿ جي صفائي ڏيکاري انهن کان لکين رويپا وٺي جعلي سنگنيچرس ڪري ، ويري فاء جا جعلي ٺپا هڻي انهن کي نوڪري جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ هو نوڪري ڪندا رهيا پر اهو مسئلو اتي جو اتي ئي ٽنگيل رهيو جڏهن ته اهي ماهاوار پگهارون جيڪي هن وقت تائين ڪروڙن ۾ ٿين ٿيون وصول ڪندا رهيا جڏهن ته 134 ملازمن يج نيڪالي يا ڪاغزن جي پورائي لاء ڊي سي خيرپور ، دائريڪٽرس سکر ريجن کان به ليٽر نڪرندا رهيا پر ڪنهن به تائون آفيسر يا ان وقت جي چيئرمين نوٽيس نه ورتو ۽ نه ئي ڪو خاطر خواه جواب ڏنو ، جڏهن ته هاڻ تازو رينجنل دائريڪٽر اهڙو ليٽر پڻ ڪڍيو آهي جنهن ۾ اي سي سوڀوديرو سميت تائون آفيسر کي پابند ڪيو ويو آهي ته ڪجهه به ٿئي 134 ملازمن يج نوڪري بابت اصل ڪاغذ کني هو ڊائريڪٽر آفيس سکر اچين ۽ جواب داخل ڪرائين ٻئي پاسي رانيپور جيڪو پهريان ئي ڪافي مسئلن جي ور چڙهيڪل آهي ، عوام يج دلين تي حڪومتن ڪندڙ ٽائون آفيسر تاج محمد ڪورائي جيڪو پهريان به جبرن ٻه مرتبه ٽائون آفيسر راڻي پور تائون ڪاميٽي راڻيپور کان بدلي ٿيو آهي عوام جي اسرار شهرين سماجي تنظمين يج اڳواڻن پاران سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي احتجاج بعد ايم پي اي پير سيد احمد رضا شاه المعروف پيار سائين جي حڪم مطابق دائريڪٽر ريجنل سکر جي رڪمنڊيشن تي ٽيهر نئين قمرر ٿيل ٽائون آفيسر علي گوهر ڦلپوٽو کي هٽائي ان يج اجء تي ٽائون آفيسر تاج ڪورائي کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي اهڙي خبر بعد سٽي پريس ڪلب يج صحافين سان شهرين ڳالاهئيندي چيو ته ڪورائي هڪ بهترين آفيسر آهي عوام جي ڪال تي جتي ڪٿي پهچي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ شهرين کي امن ڏيڻ ڄاڻي اميد رکون ٿا ته هو بهترين ڪم ڪندو ، جڏهن ته ڊائريڪٽر لوڪل گورنيمينٽ کان جاري ڪيل 134 ملازمن بابت پاڻ جاوب ڏيندو ۽ ملازمن جون جلد پگهارون هلائي انهن جي گهرن ۾ پيدا ٿيل صورت حال پن ختم ڪندو جڏهن ته ڊئريڪٽر لوڪل گوپرينمينٽ اي سي سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر کي پن طلب ڪري ورتو

Read Previous

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قانونن ۾ اهم تبديليون

Read Next

آريان خان جي گرفتاري، شاهه رخ جي ڌيءَ سهانا منظر تان گم ڇو؟

Most Popular