رميز راجا پهرئين پرڏيهي دوري تي دبئي هليو ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين رميز راجا پهرئين پرڏيهي آفيشل دوري تي دبئي هليو ويو.

رميز راجا ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ جمعي تي واپس موٽي ايندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب رميز راجا دبئي ويو آهي، اهو چيئرمين بڻجڻ کانپوءِ رميز راجا جو پهريون پرڏيهي دورو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رميز راجا اي سي سي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، جيڪو هلندڙ هفتي شيڊيول آهي.

پي سي بي چيئرمين گڏيل عرب امارتن ۾ پنهنجون مصروفيتون مڪمل ڪرڻ کانپوءِ جمعي ڏينهن واپس پاڪستان موٽي ايندو.

Read Previous

آريان خان جي گرفتاري، شاهه رخ جي ڌيءَ سهانا منظر تان گم ڇو؟

Read Next

اشرف غني پئسن جا ڀريل ٿيلها کڻي ويو، وڊيو جو انڪشاف

Most Popular