آريان خان جي گرفتاري، شاهه رخ جي ڌيءَ سهانا منظر تان گم ڇو؟

منشيات ڪيس ۾ گرفتار باليووڊ ڪنگ شاهه رخ جي وڏي پُٽ آريان جي گرفتاري کانپوءِ هن وقت تائين اداڪار جي ڌيءَ سهانا جي حوالي سان ڪي به تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب تازو ئي ان ڳالهه جي خبر پئي آهي ته سهانا هن وقت ڀارت ۾ موجود ناهي، هوءَ پنهنجي تعليم جي لاءِ ٻاهرين ملڪ ۾ رهائش پذير آهي.

رپورٽن موجب سهانا هر ڪلاڪ ۾ فون ڪري پنهنجي ماءُ گوري خان کان آريان ۽ شاهه رخ جي صحت بابت پڇا ڳاڇا ڪندي آهي ۽ هوءَ هلندڙ صورتحال جي ڪري تمام گهڻي پريشان آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته منشيات واپرائڻ جي خبر جهنگ کي باهه جيان پکڙجي وئي ته سهانا فوري طور تي پنهنجي ماءُ کي فون ڪئي ۽ انکان وطن واپس اچڻ جي اجازت گهري جنهن تي گوري سخت لهجي ۾ انکي اتي رهڻ جو حڪم ڏنو.

گوري نٿي چاهي ته آريان جي ڪري سهانا يا ان جي ننڍي پُٽ ابران جي روٽين ۾ ڪو به خلل پئجي.

Read Previous

سال اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو پاران نوڪرين جا اصل ڪاغذات پيش نه ڪرڻ تي چوٽيھ ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو

Read Next

رميز راجا پهرئين پرڏيهي دوري تي دبئي هليو ويو

Most Popular