سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود اسپتال ۾ مقرر ڪيل اسپيشل ڪيڊر جا 7 ڊاڪٽر ۽ ڊٽيل مينٽ تي موڪليل 20 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو نه پهتو

نوشهرو فيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود اسپتال ۾ مقرر ڪيل اسپيشل ڪيڊر جا 7 ڊاڪٽر ۽ ڊٽيل مينٽ تي موڪليل 20 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو نه پهتو سول اسپتال نوشهرو فيروز کي ضلع درجو ۽ مريض کي سهولتن نه ملي سگهيون، ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان. سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي پاران سول اسپتال جي مين گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن یونس راجپر، يوسف منگي، خادم سيال، مھر وسطژو، ، ڪريم سهتو، شاھد خانزادہ، ساجد تڳر ۽ ٻین چيو ته اسپيشل ڪيڊر جا ڊاڪٽر ۽ عملو اسپتال ۾ نه پهچي سگهيو آھي ۽ نه ئي وري وينٽيليٽر مشينون انسٽال ٿي سگهيون، جڏهن ته مريض دوائن سميت الٽراسائونڊ، اِي سي جي، ايڪسري، ليبارٽري ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هنن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج جي عدالت پاران حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن نه ئي مخلتلف شعبن جا اسپيشل ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته صحت کاتي پاران ڊاڪٽرن جي مقرري جو ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آھي پر اهي مقرر ٿيل نوشھرو فيروز اسپتال ۾ جوائن ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن ۽ علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن غريب مريضن کي پڻ دوائون نه ٿيون ڏنيون وڃن اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ سميت آهي ۽ جيڪي ڊاڪٽر مقرر آھن اهي پڻ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناھن جڏهن ته دماغ، دل، سرجري، نڪ، ڳلي، پیٿالوجسٽ، الٽرا سائونڊ اِي سي جي سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون پڻ اڻلڀ آهن غريب بيمار مريضن کي نوابشاهه ريفر ڪيو وڃي ٿو. فوت ٿي ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس پڻ نه ٿي ڏني وڃي. هنن چيو ته ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريل ٽراما سينٽر بابت اڃا تائين جانچ نه ٿي آهي. اسپتال جو آپريشن ٿيٽر گذريل ستن سالن کان مڪمل طور تي بند آهي سول اسپتال ۾ الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيا ڪيا وڃن، لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود به حڪمران سول اسپتال ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هنن چيو ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر انسٽال ڪري اسپتال کي اپ گريڊ ڪري ضلع جو درجو ڏيئي سموريون طبي سهولتون فراهم ڪري ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ٻی صورت ۾ 7 ڏينهن کان پوء ڊي سي ۽ ڊي ايڇ آفيس آڏو ڌرٹا ھنیا ويندا

Read Previous

روس جي ڪيميڪل پلانٽ ۾ ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

Read Next

ڏوڪريءَ ۾ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي جي يو آء شعيه علماء ڪائونسل جماعت اھل سنت پاڪستان سني تحريڪ ايس يو پي جسقم ۽ شاگردن سماجي توڙي شھرين

Most Popular