ڏوڪريءَ ۾ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي جي يو آء شعيه علماء ڪائونسل جماعت اھل سنت پاڪستان سني تحريڪ ايس يو پي جسقم ۽ شاگردن سماجي توڙي شھرين

ڏوڪريءَ ۾ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي جي يو آء شعيه علماء ڪائونسل جماعت اھل سنت پاڪستان سني تحريڪ ايس يو پي جسقم ۽ شاگردن سماجي توڙي شھرين پاران شهر جي بنيادي مسئلن شراب ڀنگ چرس ھيئرون جوا جي اڏن علي پارڪ جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي ھر طرف عوام جو آواز بند ڪيو بند ڪيو شراب جو گھتو بند ڪيو۔۔ جنھن جي اڳواڻي چيمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جسير ۔حافظ شوڪت جتوئي حسيني۔۔ مولانا غلام علي عاملي۔ ۔۔مولانا نصير احمد ڀٽو۔ حافظ حبدار علي ڪيريو حسيني ۔ حافظ محمد عثمان جھتيال۔ عبدالعني ابڙو۔ظھير ميمڻ۔ رڪ سنڌي صابر جروار ۽ ٻين شهرين شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ٽائون ھال ڏوڪري کان ريلي ڪڍي شھر جي مختلف جاين کان ٿيندي ڀٽائي پريس ڪلب اڳيان درڻو ھڻي ۽ احتجاجي ريلي کي مولانا نصير محمد ڀٽو، حافظ شوڪت علي جتوئي حسيني ۽ ٻين چيو تہ ڏوڪري شهر ۾ ڏينهون ڏينهن مسئلا وڏي رهيا آهن جن سان شهر جو عوام واپاري ۽ دڪاندار سخت پريشان بڻجي ويا آهن، هنن چيو تہ ڏوڪري تعلقہ اسپتال ۾ مريضن جي علاج لاءِ دوائن جي تمام گهڻي کوٽ ٿي وئي آهي جنهن سبب مريض پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان مهانگيون مهانگيون دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، هنن چيو تہ منشيات سبب ڪيترائي نوجوان پنهنجيون قيمتي زندگيون ۽ جانيون ضايع ڪري رهيا آهن هنن چيو تہ ڪيترائي ڀيرا اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري کي درخواستون بہ ڪري چڪا آهيون پر ان جي باوجود منشيات جي عام وڪرو کي نہ تو روڪيو وڃي ۽ اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي تہ جيئن غريب ۽ بي پهچ عوام سک جو ساھ کڻي سگهي. ھنن چيو ته ڏوڪري لڳ چنا پل وٽ قائم ڪيل شراب جو گھتو اڃا بند نه ٿيو۔ جنھن جي ڪري نوجوان نسل تباھ ٿيندو پيو وڃي۔ اگر جي عزت سان بند نه ڪيو ويو ته اسان ھر صورت ۾ شراب جي گتي کي بند ڪندايسن ۔۽ ھنن چيو ته ڏوڪري ۾ سرعام پوليس جي نگراني ۾ جوا جا اڏا ۽ منشيات علي پارڪ ۽ لائبرري تي قبضو شھر ۾ سرعام منشيات جو وڪرو ٿي رھيو آھي پوليس خاموش آھي جڏھن ته پوليس ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي۔ ۔،ڪرپشن جو ڳڙھ بڻيل ڏوڪري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ آهي. ھنن چيو ته جيستائين سمورا مطالبا پورا نہ ڪيا ويندا اسان جي تحريڪ جاري رھندي۔ اسان جي تحريڪ مسلسل ھلي رھي آھي پر سنڌ حڪومت ۽ لاڙڪاڻو انتظاميان خوماش آھي۔ آخر ۾ چيمبر آف ڪامرس پاران انيدڙ آڳاري ڏينھن مھراڻي شاخ مين روڊ موھن جو دڙو لاڙڪاڻو کي بند ڪرڻ اعلان ڪيو شراب جي گتي جي بند ٿيڻ تائين درڻو جاري رھندو۔ ڏوڪري تعلقي جي عوام کي اپيل ٿي ڪجي ته درڻي ۾ آگاري ڏينھن وڏ کان وڌ عوام شرڪت ڪري ته جئين نوجوان نسل کي بچائي سگھيون۔

Read Previous

سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود اسپتال ۾ مقرر ڪيل اسپيشل ڪيڊر جا 7 ڊاڪٽر ۽ ڊٽيل مينٽ تي موڪليل 20 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو نه پهتو

Read Next

ڊپٽي ڊائريڪٽر لائئيو اسٽاڪ ائننمل هسبينڊري سانگهڙخلاف اجائي واويلا بند ڪئي وڃي

Most Popular