ترڪ ڳجهن ادارن اسرائيلي ايجنسي جو نيٽورڪ پڪڙي ورتو

ترڪي جي انٽيلي جنس ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد جو نيٽورڪ پڪڙي ورتو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب موساد جو نيٽورڪ ٽن ميمبرن جي 5 مختلف سيلز جي صورت ۾ ڪم ڪري رهيو هو.

نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل جاسوس ترڪي ۾ تعليم هيٺ غير ملڪي شاگردن خاص ڪري مستقبل ۾ دفاعي صنعت ۾ ڪم ڪرڻجو ارادو رکندڙ شاگردن بابت اسرائيلي ڳجهي ايجنسي کي ڄاڻ ڏئي رهيا هئا.

ترڪي جي انٽيلي جنس اطلاعن تي پوليس ۽ دهشتگردي ٽوڙ فورسز 7 آڪٽوبر تي چئن صوبن ۾ ڪاروايون ڪري اسرائيلي نيٽورڪ جي سڀني ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو.

Read Previous

پاڪ فوج آزمائش جي هر گهڙي ۾ قربانيون ڏنيون: آرمي چيف جون گڏيل قومن جي سالگرهه جي پيغام

Read Next

اننيا پانڊي واٽس ايپ چيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي؟

Most Popular