مِٽيءَ جي ٿانوَن ۾ پاڻي پيئڻ جا اثر!

مِٽي جي ٿانوَن جي تاريخ وڏي پراڻي آهي ڇو ته ڌات جو استعمال انسان گهڻو وقت اڳ پنهنجي شروعاتي دور ۾ ئي ڪري چڪو آهي ۽ انکان به اڳ مٽي کي هٿن سان مختلف شڪلون ڏنيون ۽ ان وقت کان اڄ تائين مٽي جا ٿانوَن کاڌو پچائڻ ۽ پيئڻ جي لاءِ استعمال ٿيندا رهيا آهن.

يوناني طب جي تاريخ صديون پراڻي آهي، انهن موجب مٽي جي ٿانوَن ۾ پڪل کاڌو اسانجي صحت تي گهرا اثر ڇڏيندو آهي.

يوناني ماهرن اڄ به کاڌو پچائڻ ۽ پاڻي پيئڻ جي لاءِ مٽي جا ٿانوَن استعمال ڪرڻ جا مشورا ڏيندا آهن، مٽي جي ٿانوَن ۾ پڪل کاڌو نه رڳو صحت جي لاءِ فائديمند آهي پر مٽي جي ٿانوَن ۾ کائڻ به مختلف ڌاتن سان ٺهيل ٿانوَن ۾ پڪل کاڌن کان وڌيڪ ذائقيدار هوندو آهي

اڄ اسان توهان کي ٻڌائينداسين مٽي جي ٿانوَن ۾ پاڻي استعمال ڪرڻ سان صحت تي ڪهڙا هاڪاري اثر پوندا آهن.

  1. قدرتي طور تي ٿڌو رکي

مٽي جي ٿانوَن ۾ پاڻي رکڻ پاڻي جي قدرتي ٿڌاڻ کي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي آهي، مٽي جي ٿانوَن ۾ ٿورا ٿورا سوراخ هوندا آهن ۽ انهن سوراخن جي ذريعي پاڻي تيزي سان بخار بڻجي ويندو آهي جنهن جي ڪري پاڻي ٿڌو ٿي ويندو آهي.

پاڻي جيڪڏهن گرم به هوندو ته اهو مٽڪي يا دِلي ۾ اچڻ کانپوءِ ٿڌو ٿي ويندو آهي، انجي ڀيٽ ۾ فرج ۾ رکيل پاڻي حد کان وڌيڪ ٿڌو ٿي ويندو آهي جيڪو اُس ۽ گرمي ۾ ايندڙ ۽ سخت اڃ جي نتيجي ۾ پاڻي پيئڻ ڳلي جي خرابي جو سبب بڻجي سگهجي ٿو.

  1. ميٽابولزم کي تيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي

مٽي جي ٿانوَن ۾ رکيل پاڻي هر قسم جي ڪيميڪل کان پاڪ رهندو آهي انڪري ان جي استعمال سان ميٽابولزم جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي ٿو ۽ ان سان هاضمي جو نظام به بهتر طريقي سان ڪم ڪندو آهي.

  1. گرمي ۾ لُخ لڳڻ کان بچي سگهجي ٿو

گرمي جي موسم ۾ جتي هيٽ ويو ۽ يا سن اسٽروڪ هڪ مسئلو بڻبو پيو وڃي اتي ئي مٽي جي ٿانوَن ۾ رکيل پاڻي سخت تپش يا سج جي روشني جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي، ڇو ته مٽي جا ٿانوَن پاڻي جي معدنيات ۽ غذائي شين کي برقرار رکندا آهن.

Read Previous

ڪنزا هاشمي آچر جي ڏينهن انجواءِ ڪيئن ڪندي آهي؟

Read Next

هٿياربندن جيل مان 800 کان وڌيڪ قيدي آزاد ڪرائي ورتا

Most Popular