هٿياربندن جيل مان 800 کان وڌيڪ قيدي آزاد ڪرائي ورتا

نائجيريا ۾ وڏي انگ ۾ هٿياربندن هڪ جيل مان 800 کان وڌيڪ قيدين کي آزاد ڪرائي ورتو.

اهو واقعو جمعي ۽ ڇنڇر جي وچين رات ملڪ جي ڏکڻ اولهه صوبي اويو جي هڪ جيل ۾ پيش آيو.

جيل انتظاميا جي هڪ ترجمان موجب جوابدارن قيدين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ جيل جي ڀِتين کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو.

اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ساڍا 5 سئو کان وڌيڪ قيدي مفرور آهن.

واضح رهي ته نائجيريا جون اڪثر جيلون تمام ڀريل هونديون آهن ۽ اتي حالتون خراب ٿينديون رهنديون آهن ۽ حملن جي ڪيترائي واقعا پيش ايندا رهندا آهن.

Read Previous

مِٽيءَ جي ٿانوَن ۾ پاڻي پيئڻ جا اثر!

Read Next

ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular