وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل جا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور جي عدالت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گِل جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

لاهور جي مقامي عدالت ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل خلاف نجي ڪمپني طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

نجي ڪمپني شهباز گل خلاف دعويٰ داخل ڪئي آهي ته هن ٽي وي پروگرام ۾ ڪمپني تي ڪوڙا الزام هنيا.

لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج حسنين اظهر شاهه درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت ۾ عدم پيشي تي شهباز گل جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

ايڊيشنل سيشن جج حسنين اظهر شاهه شهباز گل کي پهرين نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Read Previous

ڪالعدم تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون شروع

Read Next

ڪالعدم تنظيم جو احتجاج: وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو

Most Popular