سعد رضوي جي آزادي خلاف اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو، ڪيترائي ڪارڪن آزاد

حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي وچ ۾ معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو.

حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم وچ ۾ معاهدي کان پوءِ سڄي پنجاب مان گرفتار ڪيل 860 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي گھرو کاتي موجب سعد رضوي جي آزادي جي خلاف پنجاب حڪومت طرفان داخل ڪيل اپيل واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي گھرو کاتي جو چوڻ آهي ته جن ماڻهن جي خلاف ڪيس نه هئا انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ جن خلاف ڪيس آهن انهن کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي.

Read Previous

وزيراعظم، وزيرن کي ڪالعدم جماعت بابت بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

افغانستان جي اسپتال ۾ حملو، 19 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular