ڏسڻ ۾ ننڍڙي بيضي جا صحت لاءِ وڏا فائدا

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قدرت هر غذا ۾ پنهنجا پنهنجا اڻکٽ فائدا رکيا آهن، انهن مان بيضو به پنهنجو مثال پاڻ آهي.

بيضو کائڻ جا هونئن ته ڪيترائي فائدا آهن پر نيراني هڪ بوائل بيضو کائڻ سان سڄو ڏينهن انسان چست ۽ توانو رهي ٿو، جڏهن ته گهڻي دير تائين بُک جو احساس به ناهي هوندو.

روز هڪ بيضو وزن گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿئي ٿو، بيضن ۾ موجود پروٽين جسم ۾ ضروري امينو ايسڊ کي پورو ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي آهي.

بيضي جي زردي ۾ رڳو 78 ڪيلوريز هونديون آهن پر جيڪڏهن توهان ڪجهه واڌو پائونڊ تيزي سان گهٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته صبح جي صحت بخش کاڌي لاءِ نيرن ۾ 2 کان 4 انڊا شامل ڪري سگهو ٿا.

گڏوگڏ بيضن ۾ ٻه اهڙا ضروري اينٽي آڪسيڊنٽ هوندا آهن، جيڪي نظر بهتر ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿين ٿا.

بيضي جي زردي ڪوليسٽرول به وڌائي سگهي ٿي پر پوءِ به انساني جسم لاءِ هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مناسب طريقي سان پڪل بيضو کائڻ لازمي آهي.

واضح رهي ته باڊي ٺاهڻ جا خواهشمند نوجوان پڻ بيضن کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ باڊي بلڊنگ لاءِ بيضي کي اهم غذا سمجهيو ويندو آهي.

Read Previous

عالمي آبادي ۾ جاري واڌ ۾ گهٽتائي اچي وئي

Read Next

”سنڌ ۾ لڳل ٻوٽو ٻڪري کائي ويندي آهي، حڪومت وڻن تي ڪو خرچ نه ڪيو“

Most Popular