”ٻه وڏا خاندان لُٽيل ناڻو واپس ڪن ته شين جون قيمتون اڌ ڪري ڇڏيندس“

عمران خان

وزيراعظم عمران خان مهانگائيءَ جي معاملي تي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻه وڏا خاندان پنهنجو پئسو واپس آڻين ته عام واهپي جي شين جون قيمتون اڌ ڪري ڇڏيندس.

عوام لاءِ رليف پيڪيج جي اعلان دوران تقرير ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ غريب طبقي تي بار آهي، ميڊيا کي درخواست آهي ته تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاري، مهانگائي سڄي دنيا ۾ آهي، آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ به جيڪڏهن غريب طبقي وٽ وڃو ته مهانگائي جي دانهن ڪندو.

سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي رهي آهي ۽ ان جو اثر پاڪستان تي به پيو آهي، عالمي سطح تي ٿيندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن اسان کي ٻاهران شيون نه گهرائڻيون پون ته اگهه پاڻ ئي گهٽجي ويندا.

Read Previous

اڳوڻي چيف جسٽس جي گاڏي جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر، ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست

Read Next

اپوزيشن ليڊر سان هٿ ملائڻ جو مطلب ڪرپشن قبول ڪرڻ آهي: وزيراعظم

Most Popular