اڳوڻي چيف جسٽس جي گاڏي جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر، ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست

سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جي گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ آبپارا ٿاڻي تي درخواست ڏني وئي آهي.

موٽر سائيڪل سوار جي پيءَ محمد الياس ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ آبپارا ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪشمير هاءِ وي اسپورٽس ڪامپليڪس ڀرسان منهنجو پٽ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي گاڏي منهنجي پٽ جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو.

درخواستگذار موجب اڳوڻي چيف جسٽس جي گارڊ منهنجي پٽ تي تشدد به ڪيو ۽ اڳوڻو چيف جسٽس فرار ٿي ويو، حادثي ۾ پٽ جي پير جي هڏي ڀڄي پئي، جنهن سان هو معذور ٿي ويو آهي.

درخواستگذار چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

Read Previous

تحريڪ لبيڪ سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سمري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪلي وئي

Read Next

”ٻه وڏا خاندان لُٽيل ناڻو واپس ڪن ته شين جون قيمتون اڌ ڪري ڇڏيندس“

Most Popular