ڀارت – افغانستان مقابلي کانپوءِ ٽوئيٽر تي ”فڪسڊ“ ٽاپ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ جتي ڀارتي ٽيم جون سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون وري جاڳي پيون، اتي ئي وري سوشل ميڊيا واهپيدار ان مقابلي کي ”فڪس“ قرار ڏئي رهيا آهن.

ڀارت ۽ افغانستان جي ميچ کانپوءِ ٽوئيٽر تي ”فڪسڊ“ ٽاپ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو افغانستان جي اهڙي شڪست ۽ ڀارت جي ڪارڪردگي تي حيرانگيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

هڪ واهپيدار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ميچ جي هڪ ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته فڪس ميچ هيئن هوندي آهي، رانديگرن جي باڊي لينگويج سڀ ڪجهه ٻڌائي رهي آهي، انهن کي شرم اچڻ گهرجي.

Read Previous

بختاور پٽ جي پهرين واضح تصوير شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

پاڪستان ۾ روز 1200 ٻار سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪن ٿا: رپورٽ

Most Popular