بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو

بلوچستان صوبي جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو.

بلوچستان ڪابينا جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جتي سيد ظهور احمد آغا صوبائي ڪابينا ميمبرن کان حلف ورتو.

حلف کڻندڙن ۾ سردار صالح ڀوتاڻي، ظهور احمد بليدي، سردار عبدالرحمان کيتران، نوابزادا طارق مگسي، نور محمد، اڪبر آسڪاڻي، سڪندر عمراڻي، عبدالخالق هزارا، زمرڪ اچڪزئي ۽ محمد خان لهڙي شامل آهن.

ان کانسواءِ احسان شاهه، نصيب الله مري، مبين خان خلجي ۽ مير الله بلوچ به صوبائي وزير جي عهدي جو حلف کنيو.

وزيرن جي قلمدانن جو نوٽيفڪيشن پوءِ جاري ڪيو ويندو.

Read Previous

ناڻي بابت صلاحڪار پيٽروليم شين جي ليوي اڃا وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

آخري گروپ ميچ: پاڪستان جي اسڪاٽ لينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ

Most Popular