شهيد جا وارث صبر ڪن، مان ڇا ڪيان؟ مريم نواز جي تنقيد

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز نالو کڻڻ بنا وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته توهان بس ملڪ تي عذاب بڻجي ٽٽندا رهو، هاڻ اهي عذاب جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته ماني مهانگائي آهي ته گهٽ کائو، مان ڇا ڪيان؟ کنڊ مهانگي آهي ته مٺو کائڻ ڇڏي ڏيو، مان ڇا ڪيان؟ پيٽرول مهانگو ته گاڏي هلائڻ ڇڏي ڏيو، مان ڇا ڪيان؟ بي سڪون آهيو ته قبر ۾ سمهي پئو سڪون ملندو، مان ڇا ڪيان؟ عورتن سان زيادتي آهي ته گهر ويهو، مان ڇا ڪيان؟ شهيدن جا وارث صبر ڪن، مان ڇا ڪيان؟

Read Previous

پارليامينٽ جو سڀاڻي ٿيندڙ گڏيل اجلاس ملتوي

Read Next

سيمي فائنل: نيوزيلينڊ جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

Most Popular