ٻيو سيمي فائنل: پاڪستان جو آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 177 رنسن جو هدف

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 177 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

دبئي ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا جي ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

پاڪستاني اوپنرن هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بيٽنگ ڪندي ٽيم کي 71 رنسن جو اسٽارٽ فراهم ڪيو، ان موقعي تي بابر اعظم 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته محمد رضوان 67 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي پويلين موٽيو.

فخر زمان جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 32 بالن تي 55 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.

Read Previous

فرانس نئين جوهري پاور پلانٽن جي اڏاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

Most Popular