انسٽاگرا ۾ 2 بهترين فيچرز جي واڌ

انسٽاگرام، فيس بوڪ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي جنهن کي استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ هر ڏينهن واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.

انسٽاگرام کي انوکو بڻائڻ ۽ ان جي استعمال ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ جي لاءِ انتظاميا طرفان نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن.

تازو ئي انسٽاگرام طرفان 2 نوان فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن جن مان هڪ فيچر ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ آهي ۽ ٻيو وائيس ايفيڪٽس نالي فيچر آهي.

ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ وڊيوز جي لاءِ روبوٽڪ وائيس اوور جي سهولت فراهم ڪندو آهي.

ان فيچر ۾ جڏهن ڪو به واهپيدار پنهنجي وڊيو تي ٽيڪسٽ ٽائپ ڪندو ته ان کي هڪ آٽو جنريٽڊ وائيس جي سهولت موجود هوندي جيڪا ان لکت کي وڏي آواز ۾ پڙهندي.

واهپيدار کي وڊيو کي پوسٽ ڪرڻ کان اڳ 2 وائيس آپشن موجود هوندا.

انکانسواءِ ريلز جي لاءِ وائيس ايفيڪٽس نالي فيچر ڪيئيٽرز کي پنهنجو آواز اوچو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

ان مقصد جي لاءِ انهن کي ڪيترائي آپشن موجود هوندا ۽ اهي پنهنجي آواز کي پنهنجي پسند موجب مٽائي سگهندا.

Read Previous

رياست مني پور ۾ ڀارتي فوج جو ڪرنل، پُٽ ۽ گهرواري سميت 7 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ شعيب ملڪ جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

Most Popular