بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، ڏاهاڻي وري نظرانداز

بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ 12 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شاهنواز ڏاهاڻي کي موقعو ناهي ڏنو ويو.

قومي ٽيم هن وقت بنگلاديش جي دوري تي موجود آهي، جيڪا سڀاڻي کان ميزبان ٽيم خلاف 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات ڪندي.

19 نومبر تي بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ 12 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، محمد رضوان، حيدر علي، فخر زمان، شعيب ملڪ، خوشدل شاهه، محمد نواز، حسن علي، محمد وسيم جونيئر، حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي شامل آهن، جڏهن ته فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرانداز ڪيو ويو آهي.

Read Previous

اڪشي ڪمار جيڪولين فرنينڊس جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

ٽريفڪ جام جو مسئلو، دبئي 2023ع ۾ اڏامندڙ گاڏي لانچ ڪندو

Most Popular