ميٿيو هيڊن اڄ رات ڪهڙو اعلان ڪندو؟ مداحن کي انتظار

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ جون خدمتون انجام ڏيندڙ اڳوڻو آسٽريلوي بيٽسمين ميٿيو هيڊن اڄ رات وڏو اعلان ڪندو.

ميٿيو هيڊن ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ذريعي دلچسپ اعلان بابت مداحن کي اطلاع ڏنو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر لکيو ته مان اڄ رات ڪجهه دلچسپ اعلان ڪري رهيو آهيان، ڪير ٻڌائي ٿو سگهي ته اهو اعلان ڪهڙو هوندو؟

ميٿيو جي ان ٽوئيٽ کانپوءِ مداحن ۾ تجسس وڌي ويو ۽ اهي سندس اعلان جو انتظار ڪري رهيا آهن.

Read Previous

پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف

Read Next

اُٻاريل انڊن جي پاڻي جا حيران ڪندڙ فائدا

Most Popular