پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف

پاڪستان ۾ 61 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غير محفوظ پاڻي جي استعمال سان ڪينسر جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

رپورٽ ۾ ڪيل انڪشاف موجب پاڪستان ۾ پيئڻ لاءِ موجود رڳو 39 سيڪڙو پاڻي محفوظ، جڏهن ته 61 سيڪڙو غير محفوظ آهي.

ان حوالي سان وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اسلام آباد ۾ هر ٽئين گهر ۾ ڪينسر جو مريض نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي ۾ آرسينڪ جي موجودگي ٿي سگهي ٿي.

Read Previous

گئس بحران سميت سڀني مسئلن جو حل پي ٽي آءِ حڪومت جو خاتمو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

ميٿيو هيڊن اڄ رات ڪهڙو اعلان ڪندو؟ مداحن کي انتظار

Most Popular