طلاق جي خبرن کان پوءِ مڙس جي پوسٽ تي پريانڪا چوپڙا جو رد عمل

آمريڪي گلوڪار نڪ جونس پنهنجي گھرواري ۽ بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا سان طلاق جا افواهه وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پهرين پوسٽ شيئر ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي نڪ جونس طرفان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ کيس ورڪ آئوٽ ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.

نڪ جونس پنهنجي ورزش جي وڊيو پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته اچو سمور جي موٽيويشن حاصل ڪيون.

ان کان پوءِ نڪ جونس جي پوسٽ تي پريانڪا چوپڙا به ڪمينٽ ڪيو ۽ مڙس سان محبت جو اظهار ڪيو.

واضح رهي ته پريانڪا چوپڙا طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي نالو تبديل ڪرڻ کان پوءِ اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته هن جي نڪ جونس سان عليحدگي ٿي وئي آهي.

جنهن کان پوءِ ان حوالي سان پريانڪا جي ماءُ مڌو پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونس وچ ۾ طلاق جي افواهه تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي ۽ تنبيهه ڪندي چيو ته اهو سڀ بڪواس آهي اهڙيون افواهه نه پکيڙيو.

Read Previous

پڙهائيءَ جو جنون، نئين ڪنوار شادي ڏينهن مڙس سان گڏ امتحان ڏيڻ پهچي وئي

Read Next

مداحن کانپوءِ شاداب به ڏاهاڻي کي ٽيم جو پرڏيهي وزير چئي ڇڏيو

Most Popular