پڙهائيءَ جو جنون، نئين ڪنوار شادي ڏينهن مڙس سان گڏ امتحان ڏيڻ پهچي وئي

شادي جي ڪنوار کي عام طور تي ان ڳالهه جو فڪر هوندو آهي ته هن جو لباس، جيولري ۽ ميڪ اپ بلڪل پرفيڪٽ لڳي پر اهڙين فڪر کان آزاد ڀارتي ڪنوار تعليم حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ امتحادن ڏيڻ پهچي وئي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر راج ڪوٽ سان واسطو رکندڙ شيوانگي بگٿاريا پارلر مان تيار ٿي شادي هال وڃڻ بدران گھوٽ ۽ گھرڀاتين سان گڏجي سڌو امتحان جي ڪمري ۾ پهچي وئي.

شيوانگي خانگي يونيورسٽي مان بيچلرز ڪري رهي آهي ۽ سوشل ورڪ جي پنجين سيميسٽر ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي. هن انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن لاءِ امتحان ڏيڻ گھڻو ضروري هو، جڏهن شادي جي تاريخ رکي وئي ته امتحانن جو شيڊيول نه آيو هو پر بعد ۾ خبر پئي ته سندس هڪ پرچو شادي ڏينهن آهي.

شيوانگي جو چوڻ  هو ته امتحانن جي تاريخ خبر پوڻ کان پوءِ هن گھروارن سان ڳالهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته هوءِ شادي واري ڏينهن ئي پرچو ڏيڻ چاهي ٿي جنهن تي گھروارن ڪو به اعتراض نه ڪيو.

ڪنوار جي اها وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي وائر ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدار شيوانگي ۽ سندس مڙس جي فيصلي جي ساراهه ڪري رهيا آهن.

Read Previous

چئنلن کي اشتهار روڪڻ جي آڊيو منهنجي ئي آهي: مريم نواز جو اعتراف

Read Next

طلاق جي خبرن کان پوءِ مڙس جي پوسٽ تي پريانڪا چوپڙا جو رد عمل

Most Popular