ٿڌ جي شدت ۽ مرضن کان بچائيندڙ ميووا ۽ ڀاڄيون

Panoramic food background with assortment of fresh organic vegetables

سيارو ايندي ئي نزلي، زڪام سميت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. پر بزرگن جو چوڻ آهي ته هر موسم جو ميوو ۽ ڀاڄي کائڻ سان ان موسم جي ناڪاري اثرن کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

سياري ۾ هٿ، پير سن ٿيڻ عام ڳالهه آهي جنهن جي گھڻا ناڪاري اثر به پوندا آهن. ان ڏس ۾ نارنگي جي رسُ هڪ بهترين ٽانڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.

خاص ڪري اهڙا بزرگ جيڪي هٿ پير سن ٿيڻ جي شڪايت ڪندا آهن جيڪڏهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو هڪ گلاس نارنگي جو جوس پيئن ته ان سان رت جون سنهڙيون رڳون کلي وينديون آهن ۽ رت جو وهڪرو بهتر ٿيڻ لڳندو آحي. ان ڏس ۾ هزارين ماڻهن تي هڪ سروي ڪئي وئي ته ان جا حيران ڪندڙ نتيجا نڪتا، رت جو وهڪرو وڌڻ سان ٿڌ جي شدت گھٽ محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.

پر ياد رهي ته (گريپ فروٽ)، ليمي ۽ نارنگي جي رسُ جا به هڪجهڙا فائدا آهن. اهي ميووا وٽامن سي سان مالا مال آهن جيڪي جسم جي اندروني دفاعي (امنياتي) نظام کي مضبوط ڪندا آهن ۽ اسان کي ٿڌ ۽ ان سان لاڳاپيل مرضن کان بچائيندا آهن.

ٻيو ميوو صوف آهي جيڪو فائيبر ۽ مختلف قسمن جي آڪسيڊنٽس سان مالامال آهي. سياري ۾ ان ميوو جو استعمال قدرتي طور تي اوهان کي مضبوط بڻائي ٿڌ ۽ ان جي تڪليف کان بچائيندو آهي.

ٽيون ميوو ڪيوي آهي جيڪي مهانگو ته آهي پر اهو به ٿڌ کان بچائيندو آهي. ڪيوي ۾ موجود اهم جُزَ ٿڌ جا هاڃيڪار اثرن کان بچائين ٿا ۽ گھري ننڊ ڏياريندا آهن. اهي عورت ۽ مرد جيڪي بي خوابي ۾ مبتلا آهن اهي سمهڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ ڪيوي جا ٻه عدد کائين ته ان سان سٺي ۽ گھري ننڊ ايندي آهي.

ٻي پاسي اهڙيون ڪيتريون ئي ڀاڄيون آهن جن جو استعمال سياري ۾ گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو. انهن ۾ شاخ گوبي، گرين ٽي ۽ ڳاڙها مرچ به فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿا. انهن جو استعمال ٿڌ جي حملن ۽ ان سان واسطو رکندڙ مرضن کان بچائي ٿو.

پر انهن کان ٿوم کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ٿوم به اهڙو ئي ڪردار ادا ڪري ٿي جيڪي نارنگي ۽ ٻين ميووا ڪن ٿا. اهو رت جو دورو تيز ڪري ٿي ۽ ٿڌ کان بچائي ٿي. ان ڪري سياري ۾ ٿوم جو استعمال وڌائڻ ئي اصل فائدو ڏئي ٿو.

ٻي پاسي ڳاڙها شملا مرچ به ٿڌ کان بچائين ۾ مک ڪردار ادا ڪن ٿا ڇو جو اهي به وٽامن سي سان مالامال آهن. ان ڪري سياري ۾ ڳاڙها شملا مرچ گھڻا فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿا.

ادرڪ ۾ ڪيترائي جز اهڙا آهن جيڪي ڳلي جي خرابي ختم ڪن ٿا. ان کان سواءِ ادرڪ اندروني سوڄ کي به گھٽ ڪري ٿو. سياري ۾ ادرڪ جي چانهه گھڻي فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي. ڪولسٽرول ۾ گھٽتائي کانسواءِ جوڙن جو سور به ختم ڪري ٿو.

Read Previous

مداحن کانپوءِ شاداب به ڏاهاڻي کي ٽيم جو پرڏيهي وزير چئي ڇڏيو

Read Next

قومي ٽيم جو راندڙ شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻي پهتو، شاندار آڌرڀاءُ

Most Popular