برطانيا ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي

This picture taken on March 11, 2011 by Sadatsugu Tomizawa and released via Jiji Press on March 21, 2011 shows tsunami waves hitting the coast of Minamisoma in Fukushima prefecture. The number of people confirmed dead or listed as missing in Japan neared 22,000, 10 days after a massive earthquake and tsunami struck the country’s northeast coast. AFP PHOTO / JIJI PRESS (Photo credit should read SADATSUGU TOMIZAWA/AFP/Getty Images)

برطانيا ۾ ”آرون“ طوفان تباهي مچائي ڇڏي، اسڪاٽ لينڊ، اتر انگلينڊ، ويلز ۽ سامونڊي علائقن ۾ تيز هوائن، شديد برفباري ۽ برسات سبب ڪيترائي وڻ ڪري پيا جڏهن ته هڪ لک کان وڌيڪ گھرن جي بجلي معطل ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب مختلف شاهراهن تي سڄي رات ٽريفڪ جام رهي، وڻ ڪرڻ سبب حادثن جي نتيجي ۾ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.

برطانوي موسميات کاتي موجب سڄي رات هلندڙ 70 کان 80 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائن سبب مختلف عمارتن کي نقصان پهتو، جهازن کي لينڊنگ ۾ به ڏکيائيون پيش آيون.

طوفاني هوائن سبب هاءِ وي تي ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي، ڪيترائي وڻ پاڙ کان پٽجي پيا، وڻ ڪرڻ ۽ برفباري سبب اسڪاٽ لينڊ، اتر انگلينڊ جي ڪيترين ئي شاهرائن تي ٽريفڪ جام رهي.

موسميات کاتي موجب اسڪاٽ لينڊ، اتر انگلينڊ، ويلز ۽ سامونڊي علائقن ۾ طوفاني هوائن جي ريڊ وارننگ جاري ڪئي وئي هئي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ لاءِ به تيز هوائن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، خراب موسم سبب اختيارين عوام کي غير ضروري سفر نه ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

Read Previous

پاڪستان جي ٽاپ ماڊل مشڪ ڪليم ڪنهن سان لانئون لهندي؟

Read Next

اومي ڪرون جي دهشت، ڏکڻ آفريقا – نيڌرلينڊ سيريز ۽ وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ختم

Most Popular