اومي ڪرون جي دهشت، ڏکڻ آفريقا – نيڌرلينڊ سيريز ۽ وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ختم

ڪورونا وائرس جي نئين قسم سڄي دنيا کي وري پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان جا ڪرڪيٽ تي به اثر پيا آهن.

اومي ڪرون سبب ڏکڻ آفريقا ۽ نيڌرلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز ختم ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريقا چيو آهي ته فيصلو ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊن جي گڏيل مشاورت سان ڪيو ويو.

واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ون ڊي ميچ سنچورين ۾ شيڊيول هئي پر برسات سبب اها نه ٿي سگهي هئي.

هوڏانهن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل زمبابوي ۾ جاري وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر به روڪي ڇڏيا آهن.

Read Previous

برطانيا ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي

Read Next

نيب رڳو ڪيس سان واسطو رکندڙ ملڪيت ضبط ڪري سگھي ٿو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Most Popular