جوهري ڳالهيون ٻيهر شروع، ايران ڊيل بچائڻ لاءِ پرعزم

ايران چيو آهي ته اسان عالمي طاقتن سان ڳالهين ذريعي جوهري معاهدي کي بچائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ايراني جوهري پروگرام بابت ڳالهيون اڄ کان ويانا ۾ ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن.

2015 ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ هڪ جوهري معاهدو طئي ٿيو هو پر 2018 ۾ ان وقت جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ طرفي طور ان معاهدي کان ڌار ٿي ويو هو.

آمريڪا ۾ جو بائيڊن طرفان صدارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ٻيهر ان معاهدي جي تجديد جي اميد ڪئي پئي وڃي، ان کان اڳ هلندڙ سال اپريل کان جون تائين ڳالهين جا 6 دور ٿي چڪا آهن.

ايراني پرڏيهي وزارت ويانا ۾ شروع ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان چيو آهي ته اسان جو وفد ڳالهين ۾ ان عزم سان شريڪ ٿي رهيو آهي ته بامقصد گفتگو ذريعي جوهري معاهدي کي بچائي.

Read Previous

سڀاڻي کان تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

Read Next

بالي ووڊ سندري اميشا پٽيل جا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular