سنڌ جي ناليواري قومي آزاديءَ ۽ فڪر سيد جي پرچارڪ ٻلهڙيجي واسي نوجوان شهيد سرويچ پيرزادو جي 7 هين ورسي ٻلهڙيجي ۾ ملهائي وئي

ڏوڪري : رپورٽر سنڌ جي ناليواري قومي آزاديءَ ۽ فڪر سيد جي پرچارڪ ٻلهڙيجي واسي نوجوان شهيد سرويچ پيرزادو جي 7 هين ورسي ٻلهڙيجي ۾ ملهائي وئي ان سلسلي ۾ لطف پيرزادو اڪيڊمي پاران ورسي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ جي ناليواري شاعر اديب اقرار پيرزادي ڪئي، جڏهن ته خاص مهمانن ۾ دودو ديشي، غلام حسين مڪول، علي مرده پيرزادو، گوهر علي سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميزبان شعور پيرزادو پاران شهيد سرويچ پيرزادو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهيو ويو ۽ شهيد جي ڏنل قرباني تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته ورسي جي موقعي تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ناليواري اديبن، ليکڪن، شاعرن، وڪلين، صحافين، استادن، شاگردن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، قومي ڪارڪنن، ڳوٺاڻن توڙي ڀرپاسي وارن علائقن جي مختلف ڳوٺن جي معزز شخصيتن وڏي انگ شرڪت ڪئي.

Read Previous

ثانيا مرزا جي ڪراچي ياترا، کيس سنڌ جي راڄڌاني جي ڪهڙي شئي وڻي؟

Read Next

پاڪستان ۾ ماڻهن جي عمر سوا 4 سال گهٽجڻ جو انڪشاف

Most Popular