ثانيا مرزا جي ڪراچي ياترا، کيس سنڌ جي راڄڌاني جي ڪهڙي شئي وڻي؟

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا اڄڪلهه پنهنجي مڙس قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سان گڏ پاڪستان ۾ موجود آهي، جيڪا مختلف هنڌن جو دورو ڪري رهي آهي.

ثانيا مرزا پرفيوم لانچنگ تقريب جي سلسلي ۾ پاڪستان آئي آهي، جيڪا لاهور جي دوري کانپوءِ ڪراچي پهتي.

ڀارتي ٽينس اسٽار تازو پنهنجي مڙس سان گڏ ڪراچي جي هڪ نجي مال جو دورو ڪيو، جتي سندس اچڻ جو ٻڌي وڏي انگ ۾ مداح به پهچي ويا.

مال ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي ثانيا مرزا ڪراچي جي برياني جي تعريف ڪئي، جنهن تي ميزبان ثانيا مرزا کان پڇيو ته توهان ڪراچي جي برياني کاڌي آهي، ڪيئن لڳي توهان کي اسان جي ڪراچي جي برياني؟

Read Previous

هوشيار، اومي ڪرون وڌيڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ پهچي ويو

Read Next

سنڌ جي ناليواري قومي آزاديءَ ۽ فڪر سيد جي پرچارڪ ٻلهڙيجي واسي نوجوان شهيد سرويچ پيرزادو جي 7 هين ورسي ٻلهڙيجي ۾ ملهائي وئي

Most Popular