ڪترينا جي ننڍي عمر جي نوجوان سان شادي تي ڪنگنا جو ردعمل

بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي ننڍي عمر جي نوجوان اداڪار وڪي ڪوشل سان شادي تي ڪنگنا رناوت جو ردعمل به اچي ويو.

ننڍي کنڊ ۾ شادي لاءِ مرد ۽ عورت جي عمر ۾ فرق کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، اڪثر ڇوڪريءَ جي ننڍي عمر تي اعتراض ناهي ڪيو ويندو پر جيڪڏهن ڇوڪرو ننڍو هجي ته ماڻهو مختلف ڳالهيون ڪندا آهن.

اهڙيون ئي ڳالهيون بالي ووڊ جي نئين جوڙي لاءِ به ڪيون پيون وڃن، ڇو ته ڪترينا عمر ۾ وڪي کان 5 سال وڏي آهي ۽ ان معاملي تي هاڻ اداڪارا ڪنگنا رناوت به تبصرو ڪيو آهي.

ڪنگنا رناوت پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ”اسان وڌيڪ عمر جي ڪامياب مردن سان ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادين جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌيون آهن، عورتن لاءِ پنهنجي مڙس کان وڌيڪ ڪامياب هجڻ هڪ وڏي بحران طور ڏٺو ويو، پاڻ کان ننڍي عمر جي مرد سان شادي ته وساري ڇڏيو پر هڪ خاص عمر کانپوءِ عورتن لاءِ شادي ڪرڻ به ممڪن نه هو“.

سندس موجب ”اهو ڏسي سٺو لڳو ته هاڻ ڪامياب، امير ۽ فلم انڊسٽري ۾ پهرئين جوڙ جون اداڪارائون اهي اصول ٽوڙي رهيون آهن، پراڻي صنفي تصور جي نئين تعريف ڪرڻ تي مردن ۽ عورتن ٻنهي کي ساراهيان ٿي“.

Read Previous

صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ عوامي اڳواڻ ايم پ محمد اسلم ابڙو جو ڳوٺ ڄام خان کوسو پهچڻ تي کوسا برادري پاران شاندار استقبال ڪيو وي

Read Next

ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ ڪراچي پهچي وئي

Most Popular