ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ ڪراچي پهچي وئي

ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ ڪراچي پهچي وئي.

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انتظامي عهديدار دبئي کان پاڪستان پهتا، جتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين مهمانن جي آجيان ڪئي.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ويسٽ انڊين اسڪواڊ جي پي سي آر ٽيسٽ ورتي وئي ۽ ڪورونا نتيجا ناڪاري اچڻ تائين سمورا رانديگر هوٽل ۾ قرنطينه ۾ رهندا، جنهن کانپوءِ اهي ٽريننگ جي شروعات ڪندا.

ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، سڀني ميچن جي ميزباني ڪراچي جو نيشنل اسٽيڊيم ڪندو.

واضح رهي ته ويسٽ انڊين ٽيم 2018 ۾ به پاڪستان جو دورو ڪيو هو.

Read Previous

ڪترينا جي ننڍي عمر جي نوجوان سان شادي تي ڪنگنا جو ردعمل

Read Next

اسڪول جي پرنسپال ۽ استادن جي شاگردياڻين سان اجتماعي لڄالٽ

Most Popular