انگور جو ٻج عمر وڌائي ٿو

انگور جي ٻجن ۾ هڪ خاص ڪيميڪل دريافت ٿيو آهي جيڪو هڪ پاسي ته جسم ۾ موجود بيڪار جيوگھرڙن کي ختم ڪري ٿو ته ٻي پاسي وري پوڙهائپ کي به روڪي ٿو.

ڪوئن تي ان تحقيق جا بهترين اثر سامهون آيا آهن جن جو ذڪر بعد ۾ ڪبو  پر پهريان ڄاڻي وٺو ته اسان جي جسم ۾ ضدي جيوگهرڙا هوندا آهن جن کي سيني سن جيوگھرڙا چيو ويندو آهي. جيڪڏهن انهن جيوگھرڙن کي ختم ڪيو وڃي ته جسماني نظام درست ٿي ويندو آهي ۽ جسم جي  پوڙهائپ طرف وڃڻ جي عمل کي روڪي سگھجي ٿو ڇو جو اهو عمل خلوي سطح تي اڳتي وڌندو آهي.

انگور جي ٻجن مان پروسائنائڊن سي ون ڪڍي ڪري جڏهن ان کي ڪوئن ۾ منتقل ڪيو ويو ته انهن جي زندگي ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيو. اهڙي طرح سيني سين جيوگھرڙن کي بلڪل نئين قسم جي دوائن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو جن کي ”سونولائٽڪ“ دوا چيو ويندو آهي. اهي دوائون سيني سين جيوگھرڙن کي صاف ڪري ڊيمينشيا ۽ شگر کي روڪي سگھن ٿيون ۽ عمر کي وڌائي سگھن ٿيون.

چين ۾ موجود شنگھائي انسٽيٽيوٽ آف نيوٽريشن اينڊ هيلٿ جي سائنسدانن پهريان پروسائنائڊن سي ون (پي سي سي ون) کي ڏٺو ته ان سيني سين جيوگھرڙن کي ماري ڇڏيو ۽ صحتمند خلين کي به نقصان نه ٿيو.

سڀ کان اڳ پوڙهن ڪوئن جي جيوگهرڙن ۽ ٽشوز تي ان کي آزمايو ويو. سيني سين جيوگھرڙا تيزي سان تباهه ٿيڻ لڳا. ڪينسر وارن ڪوئن ۾ ان مرڪب ڪيموٿيراپي کي هٿي ڏئي علاج ۾ به مدد ڪئي.

سائسندانن انگور جي ٻج مان حاصل ٿيندڙ مرڪب جي اسعتمال سان ڪوئن جي عمر وڌائي جيڪا 24 کان 27 مهينن تائين وڌي جيڪا انسانن ۾ 75 کان 90 سالن جي برابر آهي. يعني پوڙهن ڪوئن جي سراسري عمر 60 سيڪڙو وڌي ۽ گڏيل عمر ۾ 90 سيڪڙو واڌ ڏٺي وئي.

Read Previous

اومي ڪرون پاڪستان به پهچي ويو، ڪراچي ۾ پهريون شڪي ڪيس رپورٽ

Read Next

فيصل واوڊا جي اپيل رد، نااهلي ڪيس جو فيصلو ٻن مهينن ۾ ڏيڻ جو حڪم برقرار

Most Popular