آصف علي سڀ کان وزني بيٽ رکڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جارحاڻي بيٽر آصف علي پنهنجي بيٽ وزني هجڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ آصف علي ٻڌايو ته ٽيم ۾ سڀ کان وزني منهنجي بيٽ آهي.

هن چيو ته مان آخري اوورن ۾ بيٽنگ جي لاءِ ويندو آهيان، بيٽون ٺاهيندڙ ڪمپني کي پاڻ فون ڪري اسپيشل بيٽ تيار ڪرڻ جي لاءِ چيو هو.

سندس چوڻ هو ته منهنجي بيٽ ۾ سمورو وزن هيٺئين پاسي هوندو آهي ته جيئن آخري اوورز ۾ ڪنهن به بال کي هٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.

Read Previous

منشيات ڪيس: آريان خان وري ممبئي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

Read Next

اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم

Most Popular