عليزي شاهه ريمپ تي ڪِرڻ کان پوءِ جذباتي پوسٽ شيئر ڪري ڇڏي

اداڪارا ۽ ماڊل عليزي شاهه برائيڊل شو دوران ريمپ تي واڪ ڪندي ڪرڻ کان پوءِ جذباتي پوسٽ شيئر ڪئي آهي.

لاهور ۾ برائيڊل ڪيٽورويڪ  دوران اداڪارا عليزي شاهه ريمب تي واڪ ڪندي توازن برقرار نه رکي سگھي ۽ ڪري پئي هئي.

عليزي شاهه جي ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي ۽ هاڻ عليزي جذباتي پوسٽ شيئر ڪندي ان واقعي تي پنهنجو رد عمل ڏنو آهي.

عليزي شآهه گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي لکيو ته ريمپ تي واڪ ڪندي ڪرڻ رڳو هڪ غلط فهمي هئي. هن انهيءَ ڏينهن جي واقعي کي ورجائيندي چيو ته آئون کٻي پاسي وڃي رهي هيس ۽ شازيا منظور سوچو ته اسان کي سڄي پاسي وڃڻو آهي بس انهيءَ ڪنفيوزن ۾ ڪري پيس.

Read Previous

شهباز شريف تبديلي تي ڏمرجي پيو

Read Next

آمريڪا پاران رد ڪيل ڊزائين تي چين جو هائپر سونڪ ويڙهاڪ جهاز

Most Popular