آمريڪا پاران رد ڪيل ڊزائين تي چين جو هائپر سونڪ ويڙهاڪ جهاز

چين جي جديد ترين هائپر سونڪ ويڙهاڪ جهاز بابت خبر پئي آهي ته ان جي ڊزائين 20 سال اڳ آمريڪي اداري ناسا رد ڪري ڇڏي هئي پر هاڻ چين ان  ڊزائين تي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي.

سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ 1990ع ۾ ناسا سان سلهاڙيل چين ڄاول چيف انجينيئر منگ هانگ تانگ ٻڌايو ته ان کي آمريڪي اختيارين رد ڪري ڇڏيو هو.

2000 ۾ آمريڪا ۽ چين ۾ تڪرار وڌڻ کان پوءِ منگ هانگ تانگ سوڌو ڪيترائي چيني ماهر پنهنجي وطن موٽي آيا، ۽ تقريبن انهيءَ زماني ۾ چين به هائپر سونڪ جهاز جي منصوبي تي ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي هئي.

واضح رهي ته هر اها شيءَ جيڪا آواز کان پنجوڻ يا ان به وڌيڪ رفتار سان حرڪت ڪري سگھي، ان کي ٽيڪنيڪل ٻولي  ۾ ”هائپر سونڪ“ چيو ويندو آهي.

ان منصوبي تي هيل تائين جي رڳڀرائي اها آهي ته ان جهاز جي پروٽوٽائيپ انجڻ جون آزمائشون ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪيون آهن، پر اهو پنهنجي پڄاڻي کان گھڻو پري آهي.

چيني هائپر سونڪ جهاز بابت خبر پئي آهي ته ان جي انجڻن کي جيانگسو، چين موجود نانجنگ يونيورسٽي آف ايروناٽڪس اينڊ ايسٽروناڪٽس جي جديد هوائي سرنگهه (ونڊٽنل) ۾ ڪاميابي سان آزمايو ويو آهي.

اها هوائي سرنگهه، جهازن ۽ ميزائلن جي پروٽوٽائپس کي آواز کان 4 کان 8 ڀيرا وڌيڪ رفتار تي آزمائڻ۾ جي صلاحيت رکي ٿي.

اميد آهي ته ان ڪاميابي کان پوءِ چيني هائپر سونڪ جهاز جو منصوبو تيزي سان اڳتي وڌايو ويندو.

Read Previous

عليزي شاهه ريمپ تي ڪِرڻ کان پوءِ جذباتي پوسٽ شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

مراد علي شاهه کي لساني سياست ڪرڻ نه ڏينداسين: مصطفيٰ ڪمال

Most Popular