شڪيرا جي مداحن لاءِ خوشخبري

ڪولمبيا سان واسطو رکندڙ عالمي شهرت يافتا گلوڪارا شڪيرا پنهنجي هڪ نئين شو جي شروعات جو اعلان ڪري ڇڏيو.

گلوڪارا جلد اين بي سي (NBC) جي ڀائيواري سان ڊانس مقابلي لاءِ ”ڊانسگ ود مائي سيلف“ جي نالي سان شروعات ڪرڻ واري آهي.

ان شو ۾ هر هفتي ڊانسرز جي نون گروپس کي ڊانس چيلينجز جي هڪ سيريز ۾ مقابلو ڪرائڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي جڏهن ته شو ۾ ڊانس جي ڪوريوگرافي شڪيرا سان گڏ شو جي مشهور تخليقڪارن ڪئي آهي.

شڪيرا جو ان شو بابت چوڻ آهي ته هوءَ ڊانس جي مقابلن جو حصو بڻجڻ لاءِ پرجوش آهي.

Read Previous

ڪشمور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن شھدا کي سلام پيش ڪيو ويو

Read Next

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

Most Popular