حڪمرانن کي ڪڍي پوءِ ڳالهايو، ملڪ سنڀالڻ لاءِ تيار آهيون: آصف زرداري

پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مون کي ايندڙ نسلن جو سوچڻو آهي، اڄ به ڀٽو صاحب ۽ بي بي بينظير مون سان ڳالهائيندا آهن.

نواب شاهه ۾ هڪ تقريب ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي آصف زرداري چيو مون کي ڳڻتي آهي ته ايندڙ 15 سالن ۾ ڇا ٿيندو، اسان قربانيون ڏنيون ۽ سياست سان رشتو جوڙيو، اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بي بي بينظير مون سان ڳالهائيندا آهن.

هن چيو مان پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ نيب هلندو يا سياست، اڄ ڊالر ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو آهي، ضرورت ئي نه هئي ڊيويلويشن ڪرڻ جي.

سندس موجب اسان جي ملڪ جو قرض 30 ارب هو، جيڪو اڄ وڌي 60 اربن تائين ٿي ويو آهي، مان ڏيڍ سال کانپوءِ نواب شاهه شهر جو دورو ڪيو، ان ۾ جيل ۾ گذاريل وقت به هو، دعا ڪيان ٿو ته الله اسان سڀني کي ايمان ڏئي، اسان سڀ گڏجي ملڪي مسئلن جو حل ڪڍنداسين.

آصف زرداري چيو ته اسان جي جماعت ئي ملڪ کي هلائي ۽ سنڀالي سگهي ٿي، تجربا ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو، هن ملڪ تي جڏهن ڪا مصيبت آئي ته پ پ ئي ان کي سنڀاليو.

هن چيو اسان پهرئين ڏينهن کان ئي چيو هو ته حڪومت نه هلندي، مهانگائي جو طوفان آيو آهي ۽ مني بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي، غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، اسان عوام جي مسئلن کان آگاهه آهيون، اسان تيار آهيون پر سڌي ڳالهه آ اڳ ۾ حڪمرانن کي ڪڍو، پوءِ اسان سان ڳالهايو ته اسان ملڪ سنڀالينداسين.

سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف جي حڪومت ۾ کنڊ ۽ اٽي جو بحران پيدا ٿيو ۽ کنڊ ۽ اٽو امپورٽ ڪيو ويو ته اسان اقتدار ۾ اچي سال ۾ بحران ختم ڪري ڇڏيو ۽ انهن شين کي ايڪسپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو، عوامي طاقت خلاف جيڪو به ايندو، ڀلي اهو سردار هجي يا مير هجي يا پير، سڀ ياد رکندا ته عوامي ووٽ اسان جو ۽ ايندڙ وقت پ پ جو ئي آهي.

Read Previous

خيبر پختونخواهه: فضل الرحمان جي جماعت عمران خان جي تحريڪ انصاف کي لوڏي ڇڏيو

Read Next

تبديلي اچي نه پئي پر وڃي رهي آهي: مريم نواز

Most Popular