خيبر پختونخواهه: فضل الرحمان جي جماعت عمران خان جي تحريڪ انصاف کي لوڏي ڇڏيو

خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف صفا پوئتي رهجي وئي ۽ وڏن شهرن ۾ جي يو آءِ ميئر جي چونڊ کٽي ورتي آهي.

سٽي ڪائونسل جي نتيجن موجب پشاور، مردان، بنون ۽ ڪوهاٽ ۾ ميئر لاءِ تحريڪ انصاف جو ڪو اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو.

مردان

تازي ترين غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب مردان ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو حمايت الله مايار 56 هزار 458 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام جو امانت شاهه حقاني 49 هزار 938 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهيو.

ڪوهاٽ

ڪوهاٽ ۾ به جمعيت علماءِ اسلام جو شير زمان 34 هزار 434 ووٽ کڻي ميئر جي چونڊ کٽي ويو، جڏهن ته آزاد اميدوار سيف الله جان 25 هزار 793 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

پشاور

پشاور ۾ سٽي ميئر جو ميدان به جمعيت علماءِ اسلام ماريو، جي يو آءِ جي زبير علي 62388 ووٽ کڻي ناقابل شڪست سرسي حاصل ڪري ورتي.

پشاور سٽي ڪائونسل جي ميئر لاءِ 521 مان 515 اسٽيشنز جا غير سرڪاري نتيجا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 6 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا روڪيا ويا آهن.

بنون

بنون ۾ جي يو آءِ جو اميدوار عرفان الله دراني 27 هزار 500 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو اقبال جدون خان 22 هزار 800 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.

Read Previous

شڪارپور جو پريمي جوڙو تحفظ لاءِ گڊو پريس ڪلب پھچي ويو ڊي سي شڪارپور ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل

Read Next

حڪمرانن کي ڪڍي پوءِ ڳالهايو، ملڪ سنڀالڻ لاءِ تيار آهيون: آصف زرداري

Most Popular