سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند ڪرڻ ۽ گهر ويٺي پگهار کڻندڙ استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

سنڌ جي تعليم کاتي سڄي صوبي ۾ 4 هزار 901 غير فعال اسڪول بند ڪرڻ ۽ غير فعال اسڪولن ۾ مقرر گهر ويٺي پگهارون وصول ڪندڙ استادن خلاف به ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي ۾ غير فعال اسڪولن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ سڄي سنڌ ۾ 4 هزار 901 نان فنڪشنل اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن مان 3 هزار 442 فنان فنڪشنل اسڪولن جي حالت انتهائي خراب آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انهن غير فعال اسڪولن ۾ مقرر سالن کان گهر ويٺي پگهارون وصول ڪندڙ استادن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هڪ هزار 459 گهوسٽ اسڪولن جو به انڪشاف ٿيو آهي، جيڪي رڳو سرڪاري ڪاغذن ۾ ئي موجود آهن، زميني حقيقتن موجب هڪ به اسڪول موجود ناهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گهوسٽ اسڪولن ۾ ڪراچي، بدين، دادو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر، ميرپورخاص، ڄامشوري ۽ سانگهڙ ۾ اسڪول شامل هئا، جيڪي سرڪاري ڪاغذن ۾ موجود هئا، انهن اسڪولن ۾ شاگرد، استاد ۽ اسٽاف جي رجسٽرڊ ناهي.

Read Previous

سانگھڙ سول اسپتال جي ايمبولينس ٻيراڻي منتقل ڪرڻ واري فيصلي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو

Read Next

وقت ٻڌائيندو ته ملڪ کي وڌيڪ فائدو ميٽرو ٽرين ڏيندي يا صحت ڪارڊ؟ وزير اعظم

Most Popular