نورا فتحي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

ڪينيڊا ڄائي بالي ووڊ اداڪارا، ڊانسر ۽ ماڊل نورا فتحي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.

انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي پيغام ۾ نورا فتحي ٻڌايو ته مان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهيان ۽ هاڻ قرنطينه ۾ آهيان.

هن ٻڌايو ته وائرس جا مون تي شديد اثر پيا آهن، جنهن سبب ڪجهه ڏينهن کان بستري تي آهيان، هن وقت ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ آهيان ۽ صحتياب ٿي رهي آهيان.

اداڪارا مداحن کي اپيل ڪئي ته اهي احتياط ڪن ۽ ماسڪ ضرور پائن، ڪورونا وائرس تيزيءَ سان پکڙجندو آهي ۽ هر ڪنهن تي مختلف انداز ۾ اثر ڇڏيندو آهي، مون تي ان جا سخت اثر پيا آهن، اهو ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري احتياط ڪيو، ڇو ته صحت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.

Read Previous

سال جي بهترين ون ڊي رانديگرن جي نامزدگين ۾ بابر اعظم به شامل

Read Next

واٽس ايپ جو گروپن مان تنگ واهپيدارن لاءِ نئون فيچر

Most Popular