چاهيان ٿي ته نئين سال ۾ گھٽ ايف آءِ آر ۽ وڌ کان وڌ لوو ليٽر ملن: ڪنگنا رناوت

تڪراري بيانن سبب سدائين خبرن ۾ رهندڙ ڀارتي اداڪارا ڪنگنا رناوت نئين سال تي پاڻ لاءِ خصوصي دعا ڪئي آهي.

ڪنگنا رناوت نئين سال جي شروعات تي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ مندر ۾ موجود آهي ۽ پنهنجون مذهبي رسمون سرانجام ڏئي رهي آهي، ان موقعي تي کيس روايتي طرز جو لباس پهريل هو.

اداڪارا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هوءَ چاهي ٿي ته نئين سال ۾ هن خلاف گھٽ شڪايتون داخل ٿين ۽ وڌ کان وڌ لو ليٽر موصول ٿين.

واضح رهي ته ڪنگنا رناوت کي سال 2021ع ۾ سندس بيانن سبب ڪيترائي ڀيرا ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، هن خلاف ڪيتريون ئي شڪايتون ٿاڻن تي به داخل ڪرايون ويون ۽ عدالت ۾ حاضريون به کاڌيون.

Read Previous

مٿي جو سور موتمار به ثابت ٿي سگھي ٿو

Read Next

اسد عمر ڪورونا وائرس جي نئين لهر بابت خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular