ڀارتي فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڪيل قتلن ۽ ظلمن جي رپورٽ پڌري

ڀارتي فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل هڪ سال ۾ 210 ڪشميرين کي قتل ڪيو.

ڪشمير ميڊيا سروس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج 65 ڪشميرين کي جعلي مقابلن ۾ قتل ڪيو جڏهن ته اهي انهن جي قيد ۾ هئا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ڊسمبر 2021ع ۾ ڀارتي فورسز 31 ڪشميرين کي قتل ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت بيواه ۽ ٻه ٻار يتيم ٿي ويا.

ڀارتي فورسز جي ڪارروائين جي حوالي سان چيو ويو آهي ته فوج ۽ پوليس جي اهلڪارن طرفان ڪيل بدترين تشدد سبب 6 ڄڻا زخمي ٿيا جڏهن ته نوجوانن سميت 94 شهرين کي گرفتار ڪيو ويو.

والاريل وادي ۾ قابض فوج 11 گھرن کي تباهه ڪيو.

رپورٽ ۾ حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني ۽ محمد اشرف صحرائي جو به حوالو ڏنو ويو آهي، جيڪي گذريل سال بيماريءَ سبب لاڏاڻو ڪري ويا.

سيد علي شاهه گيلاني لاڏاڻي وقت به نظر بند رهيو ۽ اشرف صحرائي پوليس جي قيد ۾ موجود هو.

رپورٽ ۾ سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي کان پوءِ پيش آيل واقعن جو به ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس خاندان ڀارتي فورسز تي الزام هنيو هو ته هن جي تدفين ز بردستي ڪئي وئي ۽ سخت سيڪيورٽي ۾ رات جي اونداهه ۾ تدفين ٿي ڇو جو ڀارتي اختيارين سموري وادي ۾ لاڪ ڊائون لڳايو هو.

ڀارتي اختيارين سيد علي گيلاني جي جنازي نماز ۾ عوام جي شرڪت جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کان پوءِ شهرين ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپون به ٿيون هيون.

ڪشمير ميديا سروس جي رپورٽ موجب 2021ع ۾ ڀارتي فورسز هٿان ٿيل قتل جي نتيجي ۾ 16 عورتون بيواهه ۽ 44 ٻار پيءُ جي پاڇي کان محروم ٿي ويا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي سال ۾ مظاهرين تي ڀارتي فوج ۽ پوليس طرفان طاقت جي استعمال، ڪارروائين ۽ ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ گڏيل طور تي 487 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ سماجي ڪارڪن خرم پرويز سميت 2 هزار 716 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

وڌيڪ چيو ويو ته گرفتار ڪيل اڪثر ماڻهن تي ڪارن قانونن، پبلڪ سيفٽي ايڪٽ (پي ايس اي) ۽ غير قانوني سرگرمين جي ايڪٽ جا الزام آهن.

رپورٽ موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 13 عورتن جو بارودي ماڻهن استحصال ڪيو ۽ هنن سان بدتميزي ڪئي جڏهن ته ڀارتي فوج گذريل سال 67 گھرن کي به تباهه ڪيو.

رپورٽ موجب ڀارتي اختيارين والاريل وادي ۾ 45 هفتن کان تاريخي جامع مسجد سري نگر ۾ جمعي جي نماز جي ادائگي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ اهڙيءَ طرح 2021ع ۾ محرم ۽ عيد ميلادالنبي صه دوران مذهبي سرگرمين جي اجازت نه ڏني وئي.

دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ننڍن ڪيسن ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت 4 هزار کان وڌيڪ گرفتار آهن ۽ انهن خلاف پي ايس اي ۽ يو اي پي اي تحت ڪيس داخل آهن ۽ ڀارت جي ٻين جيلن ۾ ڪشميرين کي قيد ۾ رکيو ويو آهي.

رپورٽ موجب ڀاتي حڪومتي فورسز آگسٽ 2019ع ۾ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کان پوءِ کان هيل تائين 515 ڪشميرين کي قتل ڪيو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 33 سالن دوران 95 هزار 948 ڪشميري مارجي چڪا آهن.

Read Previous

جي يو آءِ يا ٽي ايل پي جي چونڊن ۾ ڪاميابي بدقسمتي جي علامت آهي: فواد چوڌري

Read Next

محمد حسنين بگ بيش ليگ جي پهرين ئي ميچ ۾ پنهنجي هاڪَ ويهاري ڇڏي

Most Popular