سپريم ڪورٽ جو بنيادي ڪم ماڻهن جا حق بحال ڪرڻ آهي: چيف جسٽس

جسٽس منيب اختر

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته عوام جي بنيادي حقن تي ڪا پابندي لڳي ته سپريم ڪورٽ جو بنيادي ڪم ان کي رد ڪري بحال ڪرڻ آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته وڪيل جو ڪم ڪيس جي پيروي ۽ عدالت جو ڪم فيصلو ڏيڻ هوندو آهي، ٻنهي جو ڪم قانون بابت هوندو آهي، ٻئي قانون جي عملداري تي يقيني رکندا آهن، ٻئي قانون کي هر شئي کان مٿانهون سمجهندا آهن، آئين ۽ عدالت جي آزادي تي يقين رکندا آهن.

هن چيو ته آئين جي آزادي ۽ آئين جا سڀ معاملا، سمورا بنيادي حق محفوظ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم آهي، عوام جي بنيادي حقن تي ڪا پابندي لڳي يا رنڊڪ هجي، ڪو مسئلا پيدا ڪري ته سڀني مسئلن کي رد ڪري ماڻهن جا بنيادي حق بحال ڪرڻ اسان جو ڪم آهي ۽ اهو ئي اسان جو بنيادي ڪم آهي.

سندس چوڻ هو ته ماڻهن جا ڪيس ايندا آهن ۽ اسان فيصلا ڏيندا آهيون پر اصل ڳالهه اها آهي ته اسان جي معاشري ۾ قانون جي عملداري هجڻ گهرجي، هر شئي قانون موجب هجڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته هي انسانن جو ملڪ ناهي، هي قانون جو ملڪ آهي، قانوني طريقي سان ملڪ جي حڪمراني هجڻ گهرجي، پاڪستان اندر سڀ کان وڏو هٿيار قانون آهي، ان کانسواءِ پاڪستان اندر ٻيو ڪو هٿيار ناهي.

جسٽس گلزار احمد چيو ته مان وڪيل ۽ جج ۾ ڪو فرق ناهيان ڪندو، منهنجي ڪم جو اهو ئي سلسلو هلندو پيو اچي، جيڪو وڪالت کان هلي رهيو هو، فرق اهو آهي ته بئنچ جي ٻئي پاسي ويٺو آهيان پر مان بنيادي طور وڪيل آهيان ۽ منهنجي واپسي وڪيلن وٽ ٿيندي.

Read Previous

شام ۾ داعش جو راڪيٽ حملو، 5 فوجي مارجي ويا، 20 زخمي

Read Next

نئين سال جو تحفو، سام سنگ جي بهترين فيچرز سان ليس ٽي وي متعارف

Most Popular