شام ۾ داعش جو راڪيٽ حملو، 5 فوجي مارجي ويا، 20 زخمي

شام ۾ داعش جي راڪيٽ حملن جي نتيجي ۾ پنج فوجي مارجي ويا جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا آهن.

وچ اوڀر ۾ خانه جنگي جو شڪار رياست شام ۾ دهشتگرد تنظيم ”اسلامڪ اسٽيٽ“ يا داعش جي هڪ راڪيٽ حملي ۾ ملڪي فوج جا پنج سپاهي مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.

سرڪاري ميڊيا موجب اهو راڪيٽ حملو ملڪ جي اوڀر ۾ آچر جي شام جو ڪيو ويو.

واضح رهي ته داعش 2014ع شام ۽ عراق جي وڏن علائقن تي قبضو ڪري اتي پنهنجي نالي ماتر خلافت جو اعلان ڪيو هو. 2019ع ۾ ان دهشتگرد تنظيم جي اثر هيٺ سڀني علائقن تي ڪنٽرول ختم ٿي ويو هو. شام ۽ عراق ۾ داعش طرفان وقفي وقفي سان ان قسم جا حملا هيل تائين جاري آهن

Read Previous

وڏي وزير پي ايس ايل لاءِ سنڌ جي پنهنجي ٽيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

سپريم ڪورٽ جو بنيادي ڪم ماڻهن جا حق بحال ڪرڻ آهي: چيف جسٽس

Most Popular